رخمان گل

رخمان گل

رخمان گل

رخمان گل: سنڌ جو اڳوڻو گورنر ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) محمد عتيق رخمان گل 25 آگسٽ 1918ع تي ڪوهاٽ ۾ پيدا ٿيو. ملٽري ڪاليج سرائي عالمگير ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين ۽ 1941ع ۾ ديره دون انڊين مليٽري اڪيڊميءَ مان ڪميشن ڪيائين. ستن سالن تائين ايف. ايف. رائفلز جي بٽالين ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1949ع ۾ کيس ميجر ۽ 1950ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدن تي ترقي ملي. نومبر 1950ع ۾ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل اسٽاف آفيسر مقرر ٿيو. 1958ع ۾ فرنٽيئر ڪور جو انسپيڪٽر جنرل بڻايو ويو. 1963ع ۾ ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جي حيثيت ۾ هن کي جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ مقرر ڪيو ويو. 1964ع ۾ ملٽري سيڪريٽري مقرر ٿيو. اپريل 1970ع کان ڊسمبر 1971ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ان کانپوءِ پنجاب جو گورنر به ٿيو. ڊسمبر 1971ع ۾ رٽائرمنيٽ کانپوءِ فوجي معاملن تي پنهنجي تجربي جي بنياد تي لکيائين. 1977ع ۾ جنرل ضياء الحق کيس فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪيو، جنهن عهدي تي هو 1985ع تائين رهيو. هڪ جون 1996ع تي وفات ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اهم آهن:
1. Leadership: Junior Commanders
2. Leadership: Senior Commanders


لفظ رخمان گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.08.25  عيسوي

سنڌ جو اڳوڻو گورنر ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) محمد عتيق رخمان گل 25 آگسٽ 1918ع تي ڪوهاٽ ۾ پيدا ٿيو.


1996.06.01  عيسوي

محمد عتيق رخمان گل هڪ جون 1996ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدابخش قاضي مورائي
عبدالجبار پنهور
سھراب سومرو
سيد شوڪت علي شاهه عرف بابو شاهه
پير صدرالدين
رونجهو اميربخش
پرتاب مينگهراج پرسواڻي
زوار بسنت
بيبي جمال خاتون سيوستاني
ڏيڌڙو روشن علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون